سيد علي اڪبر شاهه ثاني

سيد علي اڪبر شاهه (ثاني): شاعر سيد علي اڪبر شاهه ولد سيد مير جان الله شاهه (ثالث) 1861ع ۾ تعلقي روهڙي، ضلعي سکر ۾ ڄائو. هي شاهه عنايت شهيد جي خليفي مير جان الله شاهه (اول) جي اولاد مان هو ۽ ساڳيءَ درگاهه جو سجاده نشين پڻ هو. ڪيترائي هندو ۽ مسلمان سندس معتقد هئا. سنڌي، سرائيڪي، پارسي ۽ اردو ٻولي جو شاعر هو. هن 11 جون 1923ع تي وفات ڪئي.


لفظ سيد علي اڪبر شاهه ثانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو